اھم خبرپاڪستان

پاڪستان تحريڪ انصاف جو ميمبر قومي اسيمبلي جنيد اڪبر بنا مقابلي چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چونڊجي ويو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جي نامزدگي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن شرڪت ڪئي.

مکيہ سُرخيون
  • پي ٽي آئي جو جنيد اڪبر بنان مقابلي پي اي سي جو چئيرمين چونڊجي ويو

قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايم اين اي جنيد اڪبر کي اتفاق راءِ سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو، طارق فضل چوڌري، عمر ايوب، شبلي فراز جنيد اڪبر خان جو نالو تجويز ڪيو.

رياض فتيانه، عامر ڊوگر، ذبيحه قمر، سردار يوسف زمان ۽ ٻين جنيد اڪبر جي حمايت ڪئي.

عمران خان
عمران خان پاران بيريسٽر گوھر جي آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق

ڪميٽي جي ميمبرن جنيد اڪبر خان کي مبارڪباد ڏني، جنيد اڪبر خان متفقه طور تي چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) چونڊجڻ تي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪيو.

ڪميٽي جي ميمبرن جنيد اڪبر خان کي ڪميٽي کي هلائڻ ۾ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو.

پي اي سي جي نئين چونڊيل چيئرمين جنيد اڪبر خان چيو ته هو سمورن ميمبرن کي گڏ کڻي هلندا.

واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو، جيڪو بنا دير حل ٿي ويو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button