لاهور (م ڊ) توانائي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته جنهن شخص کي شعور نه هجي اهو ٻين کي ڪهڙو شعور ڏيندو، عمران خان نام نهاد مقبوليت جي نالي تي اپريل فول ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ سربراهه ٺيڪ چيو آهي ته عوام ڄاڻي ٿو ته ڪير کيس بيوقوف بڻائي رهيو آهي، عام چونڊن جا نتيجا 2013 کان مختلف نه هوندا پر ن ليگ وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندي، انٽرويو ۾ هن چيو ته عمران خان جو ايجنڊا ڪهڙو آهي قوم چڱي ريت ڄاڻي ٿي، رنڊڪ جي باوجود قوم جي خدمت ڪئي، جڏهن ته عمران رڳو ڌوڙ اڏائي عوام جي اکين ۾ مٽي وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي.
