والاريل بيت المقدس(م ڊ ) اسرائيلي ڪمنٽيٽر اسرائيلي هجڻ تي شرمندگي محسوس ڪندي فوجي ريڊيو تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اسرائيل جي اخبار هارٽز جي خبر موجب اسرائيل جي فوجي ريڊيو جي ڪمنٽيٽر ميڊان پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي غزه جي سرحد تي لينڊ ڊي جي مناسبت سان فلسطينين جي پُرامن مظاهرن ۾ اسرائيلي فوجين طرفان فلسطينين کي شهيد ڪرڻ خلاف ردِعمل جو اظهار ڪيو آهي. خبر موجب ميڊان پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي شيئر ڪيل پيغام ۾ ”آئون اسرائيلي هجڻ تي شرمندگي محسوس ڪري رهيو آهيان“ جا لفظ استعمال ڪيا آهن، جنهن تي ريڊيو جي ڊائريڪٽر جي حڪم تي کيس نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو آهي. خبر ۾ اسرائيل جي دفاع واري وزير آيوگڊور ليبرمين جي انهن لفظن کي پڻ جاءِ ڏني وئي اهي جن ۾ هن چيو آهي ته ”جيڪڏهن هو اسرائيلي هجڻ تي شرمندگي محسوس ڪري رهيو آهي ته فوجي ريڊيو تان استعيفيٰ ڏئي گهر جو رستو وٺي.“