ڪراچي (رپورٽ) نقيب الله محسود قتل ڪيس بابت ايڊيشنل آءِ جي صدارت هيٺ جاچ ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ معاملي جو نئين سر جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي جاچ جو نئين سر ۽ ڀرپور جائزو ورتو ويو جڏهن ته ان موقعي تي ڊي آءِ جي ولي الله ڊي آءِ جي آزاد خان سميت ٻيا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا اجلاس ۾ مختلف جي آءِ ٽيز جي جاچ جو به جائزو ورتو ويو جڏهن ته ڪيس ۾ هن وقت تائين ڪيل جاچ تي ٻڌل فائل به طلب ڪيو ويو آهي جاچ آفيسر عابد قائمخاني کان به ڄاڻ ورتي پئي وڃي ذريعن موجب اجلاس ۾ رائو انوار کي طلب ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ مک جوابدار رائو انوار کي طلب ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.