قصور(م ڊ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحت جو عالمي ڏينهن (سڀاڻي) ڇنڇر تي ملهايو ويندو. ان موقعي تي صحت جي عالمي اداري، پاڪستان جي حڪومت، صحت کاتي پنجاب، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن، اسلامڪ ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۽ ٻين طبي تنظيمن جي شراڪتداريءَ سان خاص واڪس، سيمينارز ۽ ڪانفرنسز جو اهتمام ڪيو ويندو.
