خيرپور (ڊ ر) خيرپور پوليس جي اسپيشل ٽيمن سي سيڪشن ٿاڻي جي کيدي ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل صديقا چنا کي بازياب ڪرائي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، خيرپور جي اي ايس پي عمران مرزا چيو آهي ته ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن تي سندس اڳواڻي ۾ 8 اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون، جن خيرپور، شڪارپور ۽ سکر ضلعن جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري بي سيڪشن ٿاڻي جي حد وانڊ پاڙي جي رهواسي حسين بخش چنا جي ڌيءُ صديقا چنا کي شادي کان هڪ ڏينهن اڳ ونواهه مان اغوا ڪرڻ ۽ علائقي واسين سميت 8 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪيون، نيٺ پوليس هڪ وڏي ڪارروائي ڳوٺ کيدي ۾ ڪري 5 جوابدارن حاڪم علي، اسرار، علي حيدر، روشن، سراج ۽ يحيٰ چنا کي گرفتار ڪري ناري صديقا کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، هن ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چالان ڪري کين سخت سزا ڏياري ويندي، جڏهن ته سندن سهولتڪارن ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويندو، اي ايس پي اها به دعويٰ ڪئي ته ڪاررواين دوران پوليس هڪ بلينو ڪار نمبر 241 اي سي ايل ۽ 3 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون آهن، جڏهن ته ناري صديقا کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته اطلاع آهن ته ناري سان زبردستي نڪاح وڌو ويو آهي، جيڪڏهن جاچ ۾ ڪا به ثابتي ملي ته پوءِ زبردستي نڪاح پڙهندڙ مولوي ۽ شاهدن کي گرفتار ڪري قانوني سزا ڏني ويندي، ان موقعي تي بازياب ٿيل ناري صديقا ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ونواهه ۾ ويٺل هئس ته اوچتو هٿياربندن گهر ۾ گهڙي کيس ۽ گهر ڀاتين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ زبردستي اغوا ڪري شڪارپور سميت ٻين هنڌن تي باندي بڻايو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته نڪاح ڪرڻ لاءِ پريشر وڌو ويو، هن ٻڌايو ته زبردستي هٿيارن جي زور تي منهنجو نڪاح وجهرايو ويو آهي ۽ آئون پيءُ ماءُ سان رهڻ چاهيان ٿي.