اسلام آباد(م ڊ) استعمال ٿيل گاڏين ۽ جيپن جي آمدني واپار ۾ گذريل 8 سالن دوران 1211 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. مالي سال 2009ع ۾ 4467 پراڻي گاڏين ۽ جيپن جو آمدني واپار ڪيو ويو جن جو آمدني واپار مالي سال 2016ع دوران 58596 يونٽس تائين وڌي ويو. بزنس رڪارڊ جي تجزياتي رپورٽ موجب مالي سال 2010ع دوران 5521، مالي سال 2011 دوران 10326، مالي سال 2012ع دوران 54950، مالي سال 2013ع دوران 44767، مالي سال 2014ع دوران 22185، جڏهن ته مالي سال 2015ع دوران 41727 ۽ مالي سال 2016ع دوران 58596 يونٽس جو آمدني واپار ڪيو ويو. مالي سال 2009ع دوران استعمال ٿيل گاڏين ۽ جيپن جو آمدني واپار 4467 يونٽس کان مالي سال 2016ع دوران 58595 يونٽس تائين پهچي ويو. اهڙيءَ طرح مالي سال 2009ع جي ڀيٽ ۾ مالي سال 2016ع تائين جي 8 سالن دوران استعمال ٿيل گاڏين ۽ جيپن جي آمدني واپار ۾ 1200 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.