حيدرآباد(رپورٽ: علي مراد چانڊيو/تصويرون: حيات ميراڻي) تعليمي درسگاهن واري شهر ڄامشورو جو ڊرينيج نظام گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ناڪارا بڻيل آهي، جنهنڪري مختلف علائقن جا گٽر نالا اٿلي پيا آهن، جنهنڪري روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، ڄامشورو شهر جي مين شاهي بازار، ڀريا وليج، سينڊوز روڊ، حسين آباد، شاداب نگر، غريب آباد ڪالوني، اسٽيشن پاڙو، نور شاهه ڪالوني، سيوهاڻي محلو، سيد آباد، ڳوٺ عبدالله چاوڙو، بابري مسجد پاڙو، بليدي پاڙو ۽ ٻين هيٺاهين وارن علائقن ۾ ڊرينيج نظام ناڪارا هجڻ ڪري گٽرن جو پاڻي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيل ڪجهه ڪلاڪن جي برسات کانپوءِ به ڄامشورو شهر، مين شاهي بازار، سينڊوز روڊ، حسين آباد، شاداب نگر، ڀرياوليج، غريب آباد ڪالوني، اسٽيشن پاڙو، نور شاهه ڪالوني، سيوهاڻي محلو، سيد آباد، ڳوٺ عبدالله چاوڙو، بابري مسجد پاڙو ۽ ٻين هيٺاهين وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، جنهنڪري شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، رهواسين پاران پاڻمرادو پاڻي ڪڍڻ باوجود نيڪال نظام مڪمل طور تي بند هجڻ ڪري ٻيهر گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهجي پيو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ صفائي جو نظام پڻ نه هجڻ ڪري ڄاڻايل علائقن جي هنڌ هنڌ تي ڪچرن جا ڍير لڳل آهن. ان کانسواءِ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان واٽر سپلاءِ جي لائينن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اهو پاڻي واٽر سپلاءِ جي لائينن سان ملي ويو آهي، جنهنڪري شهرين کي گندو پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي ۽ شهري اهو گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، ڊرينيج نظام ناڪارا بڻيل هجڻ توڙي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گند ڪچرو نه کڻڻ سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مکين ۽ مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، جنهنڪري مختلف موذي مرض پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. ڄاڻايل معاملن تي ڄامشورو جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي، علمي ۽ ادبي ڌرين توڙي شهرين پاران ڪيل احتجاجن جو به ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويو، جنهنڪري شهرين توڙي سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي. ڄامشورو شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن حافظ جميل احمد لغاري، ساگر عالماڻي، ربنواز ابڙو، ايوب جوڻيجو، حق نواز برهماڻي، شبير عالماڻي، ڊاڪٽر اعجاز تيوڻو، جسقم اڳواڻ ڪامريڊ سومر جمالي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا انور بليدي، جهانگير پٺاڻ، سچوا اڳواڻ محمد سچل چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ محمد اسماعيل چانڊيو، شهرين ساحل کوکر، عابد علي، محمد شعبان ۽ ٻين روزاني ”امڪان“ سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شهر مختلف مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان شهر جو ڊرينيج نظام ناڪارا بڻيل آهي، جنهنڪري گٽر اٿلڻ روز جو معمول بڻيل آهي، گٽرن جو گندو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بيهجي وڃڻ ڪري عوام عذاب هيٺ آهي، جڏهن ته ٽائون چيئرمين فيصل پٺاڻ جي نااهلي ايتري حد تائين آهي جو مختلف علائقن مان برساتي پاڻي اڃا سوڌو نيڪال ناهي ٿي سگهيو، بيٺل برساتي پاڻي ۽ گٽرن جو پاڻي واٽر سپلاءِ جي لائينن سان ملي ويو آهي، اهو گندو پاڻي واٽر سپلاءِ ذريعي شهرين جي گهرن تائين پهچي ٿو ۽ مجبوري سبب اسان اهو پاڻي واپرائي رهيا آهيون، شهر ۾ صفائي جو نظام به اڻپورو آهي، جنهنڪري مختلف مرض پکڙجي رهيا آهن، اسان جي ڪيل احتجاجن جو به ضلعي انتظاميا نوٽيس ناهي ورتو، ٽائون چيئرمين کي گهرجي ته هو ڊرينيج نظام کي بهتر بڻائي بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ شهر کي صاف سٿرو رکي، نه ته ٻي صورت ۾ مسئلن جي حل لاءِ اسان ٻيهر احتجاج جو رستو اختيار ڪنداسين. ڄامشورو ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ مکين ۽ مڇرن جي آزار سبب رهواسين جون ننڊون حرام ٿي ويو آهن، شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان مڇرمار ڦوهارو به نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته مڇرمار ڦوهاري لاءِ آيل فنڊ پڻ هڙپ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جو سڄو ڪاروهنوار ٽائون چيئرمين فيصل پٺاڻ بدران سندس ڀاءُ شهزاد پٺاڻ هلائي رهيو آهي، جيڪو ايريگيشن کاتي جو ويزا تي ويل ملازم آهي، جيڪو ايريگيشن ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ بدران ٽائون ڪاميٽي جو ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي، سندس مداخلت جي ڪري ٽائون ڪاميٽي جا ڪيترائي ڪم رولڙي جو شڪار آهن. ڄامشورو ۾ وڌندڙ گندگي جي آزار، ڊرينيج نظام ناڪارا هجڻ، صفائي نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بابت روزاني ”امڪان“ پاران رابطو ڪرڻ تي ڄامشورو مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جو نمبر بند مليو.
