لاهور (م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته لاهور ۽ ڪراچي ۾ عوام مسئلن کي ضرور منهن ڏينو پر بدلي ۾ پاڪستان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، اسان آهستي آهستي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، اسان 2020 ۾ ڪنهن مڪمل سيريز جي ميزباني لاءِ پراميد آهيون، هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته پي ايس ايل جي ايندڙ ايڊيشن ۾ اڌ ميچون پاڪستان ۾ ٿينديون ته ڪرڪيٽ کيڏندڙ ڪيترن ئي ملڪن جا نامور اسٽار ايندا، هي سلسلو ايندڙ سال به جاري رهيو ته پرڏيهي رانديگر پنهنجي بورڊز کي اعتماد ۾ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.