اسلام آباد(م ڊ) ائٽمي توانائي سان بجلي جي پيداوار ۾ 8.25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. توانائي واري وزارت جي رپورٽ مطابق حڪومت متبادل ذريعن سان توانائي جي پيداوار ۾ اضافي تي هر خاص توجهه ڏئي رهي آهي ته جيئن انرجي مڪس پاليسي تحت صارفين کي سستي بجلي فراهم ڪري سگهجي. ان حوالي سان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال هوا جي مدد سان پيدا ڪيل بجلي جي پيداوار ۾ به 2.04 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ مطابق اپريل 2017ع دوران ائٽمي توانائي جي مدد سان 361.78 گيگا واٽ بجلي پيدا ڪئي وئي جيڪا مجموعي پيداوار 0.50 سيڪڙو هئي جڏهن ته اپريل 2018ع دوران بجلي جي پيداوار 835.95 گيگا واٽ تائين وڌي وئي ۽ اهڙي ريت انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جو حصو به 8.25 سيڪڙو تائين پهچي ويو. اهڙي طرح هوا جي مدد سان پيدا ڪيل بجلي جي پيداوار به 18.64 گيگا واٽ يعني 0.27 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ 206.67 گيگا واٽ يعني 2.04 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته متبادل ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪيترن ئي منصوبن جي تڪميل سان صارفين کي سستي بجلي فراهمي سان گڏوگڏ ماحول دوست توانائي حاصل ڪرڻ تي به خاص توجهه ڏني پئي وڃي ته جيئن توانائي جي قومي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.