ممبئي (م ڊ) بالي ووڊ فلم ” ناٽ آئوٽ “ جو 46.28 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪري ورتو آهي ،ميڊيا رپورٽن مطابق هدايتڪار اوميش شڪلا جي فلم ناٽ آئوٽ 4 مئي تي ريليز ٿي هئي جيڪا هاڻي ٽئين هفتي ۾ داخل ٿي وئي آهي .فلم هن وقت تائين گڏيل طور تي 46.28 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪري ورتو آهي . فلم ۾ اداڪار اميتا ب بچن 102 سالن جي پيءُ ۽ اداڪار رش: ڪپور 75 سالن جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي .فلم جي ڪهاڻي پيءُ ۽ پٽ جي رشتي تي مشتمل آهي.