مڪه مڪرمه ( م ڊ) سعودي عرب ۾ سڪيورٽي فورس شهر جي العزيزيه واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري هڪ گهر مان ڪيترن ئي پرڏيهين کي گرفتار ڪيو آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورس جي وڏي تعداد صبح جو 9 وڳي علائقي کي گهري ۾ آندو جنهن گهر ۾ گهربل ماڻهن پناه ورتي هئي ان تي ڪڙو چاڙهي ڪاروائي ڪئي ۽ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ، سعودي جي سڪيورٽي واري اداري طرفان ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو به بيان جاري نه ٿيو آهي. جڏهن ته علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته جنهن گهر تي ڪاروائي ڪئي وئي اتي وڌي تعداد ۾ پرڏيهي رهندا هئا.