نيويارڪ(م ڊ) نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج (اين وائي ايس اي) جي 226 سالن جي تاريخ ۾ پهرين عورت صدر چونڊجي وئي ۽ هو دنيا جي ان وڏي اسٽاڪ مارڪيٽ جي انتظامي معاملن جي نگراني ڪندي. عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق نئين صدر اين وائي ايس اي جي واپاري فلور تي هڪ ڪلرڪ جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. هاڻي هو ان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج جي بگ بورڊ جي 66 هين صدر هوندي. ڪوتگهم هن وقت نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ جي چيف آپريٽنگ آفيسر طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ هو (اڄ) جمعي تي پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي. اسٽاڪ ايڪسچينج جو موجوده صدر ٿامس فيرلي هڪ ڪمپني ۾ سربراهي سنڀالڻ لاءِ اهو عهدو ڇڏي وڃي رهيو آهي. هيل تائين نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج تي مردن جي ئي بالادستي رهي آهي. هن وقت اسٽاڪ ايڪسچينج کي ”مي ٽو“ سميٽ مختلف معاملن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.