نيويارڪ(م ڊ) تازو ئي نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ عورت کي اداري جي سربراهه مقرر ڪيو آهي. اسٽيسي گوتهم نالي عورت نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي پهرين عورت صدر بڻجي وئي. ان کا اڳ اعليٰ عهدي تي هيل تائين مردن جي سربراهي رهي هئي جڏهن ته هاڻي پهريون ڀيرو ڪنهن عورت کي صدر طور مقرر ڪيو ويو آهي. هو نيويارڪ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انتظام سنڀاليندي.
