ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ميرپورخاص اڪرام ملڪ عوامي شڪايتن تي ميرپورخاص شهر جي مختلف پيٽرول پمپن تي اوچتا ڇاپا هڻي اوگرا جي مقرر اگهھ تي عمل نه ڪرڻ ۽ پيٽرول جي ماپ پوري نه ڪرڻ تي 3 پيٽرول پمپ سيل ڪري هڪ لک رپيا ڏنڊ وصول ڪيو . جڏهن ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ ٻن پمپن جي مينئجرن نعمان ۽ شيراز کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو واضح رهي ته ميرپورخاص ۾ وڏي عرصي کان پيٽرول پمپن وارن پاران اوگرا معيار موجب اگھ ۽ ماپ تي عمل نه ڪرڻ ۽ پيٽرول وڌيڪ اگھ تي توڙي ليٽر کان گھٽ وڪرو ڪرڻ جون شڪايتون عام آهن.
