ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) گورنر هائوس ۾ منعقد ٿيل سادي ۽ پروقار تقريب ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير نئين نگران وڏي وزير فضل الرحمان کان سنڌ جي نگران وڏي وزير طور حلف ورتو. تقريب جي نظامت جا فرض سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد رضوان سرانجام ڏنا. تقريب ۾ سيد مراد علي شاهه، آغا سراج دراني، شهلا رضا، ميئر ڪراچي وسيم اختر، نثار کهڙو، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، شميم ممتاز، سينيٽر سليم رضا، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، صوبائي سيڪريٽريز، آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. حلف برداري تقريب کانپوءِ فضل الرحمان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات پڻ ڪئي.
