نئي دهلي (م ڊ ) ڀارتي مخالف ڌر پارٽي ڪانگريس ملڪ ۾ هارين جي بدحالي لاءِ نريندر مودي جي حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس غلط پاليسين سبب هاري روڊن تي نڪري اچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن . ڀارتي سڌ سماءِ جي ذريعن موجب ڪانگريس جي ميديا شعبي جي ترجمان رنديپ سنگهه سرجي والا هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هاري گذريل 4 سالن کان مودي سرڪار کي التجا ڪري رهيا آهن ، حڪومت انهن جي بهتري لاءِ ڪو وعدو پورو ناهي ڪيو ، هن چيو ته ملڪ ۾ 130 کان وڌيڪ هاري تنظيمون حڪومت جي هاري مخالف پاليسين جي مخالفت ۾ 10 جون تائين سڄي ملڪ ۾ ڳوٺ بند تحريڪ هلائي رهيون آهن .