اسلام آباد(م ڊ ) سولر پينلز جي مدد سان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سولر پينلز کانپوءِ سائنسدانن سولر ٽائلز به تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي مدد سان روڊن ۽ رستن تي ان جي تنصيب سان بجلي پيدا ڪري سگهبي. برطانيا جي گلاسگو يونيورسٽي جي سائنسدانن اهڙي ٽائلز ايجاد ڪئي آهي جيڪا بجلي پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ اها انسان جو وزن برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ واٽر پروف به آهي. انهن جو چوڻ آهي ته روشني ۾ انهن ٽائلز جي مدد سان في مربع ميٽر 200 واٽ بجلي حاصل ڪري سگهبي جڏهن ته گهم واري موسم دوران ان مان بجلي پيداوار ۾ 50 واٽ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ بجلي جي قلت جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سولر ٽائلز مستقبل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪنديون.