ڪويت سٽي ( م ڊ ) ڪويت جي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ 3140 پرڏيهين کي نوڪرين مان ڪڍڻ جوفيصلو ڪيو ويو آهي . ڪويت جي پارلياماني ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته اهي مختڳلف سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ 3140 پرڏيهين جي جاءِ تي ڪويتي شهرين کي ڀرتي ڪندا ، پرڏيهين جي جاءِ تي شهرين کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي شهري کاتي سان گڏ جاڻي جو فيصلو ڪيو آهي ، ان مقصد لاءِ مختلف سرڪاري ادارن کان پرڏيهي ملازمن جي نالن جي لسٽ فوري طور تي طلب ڪئي ويندي .