حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عيدالفطر جي موقعي تي عورتن ۽ ٻارڙين طرفان چوڙين جي خريداري عروج تي پهچي وئي آهي ۽ عورتن طرفان رنگ برنگي ڇوڙين جي خريداري زورن تي پهچي وئي آهي. عيد جي موقعي تي عورتون ۽ ٻارڙيون ڪپڙن جي مناسبت سان چوڙيون وٺڻ پسند ڪنديون آهن. عورتن موجب عيد جي خوشين جو تعلق چوڙين جي کڙڪڻ سان هوندو آهي. ”اي پي پي“ طرفان حيدرآباد ۾ ڪيل سروي دوران عورتن ٻڌايو ته نون ڪپڙن سان ٻيو ڪو زيور پايون يا نه پايون پر ڪپڙن جي ميچنگ واريون چوڙيون ضرو پائينديون آهن ۽ جڏهن مختلف رنگن جو چوڙيون سندن هٿن ۾ کڙڪنديون آهن ته عيد جي خوشين جو احساس اڃان وڌي ويندو آهي. ٻئي پاسي دڪانن جي رونڪ به ڏسڻ وٽان آهي ۽ مختلف رنگن جي ڊزائينن جو چوڙيون دڪانن تي پاڻ ڇڪائي رهيون آهن. هنن خاص ڏينهن تي ته دڪان وارا به چوڙين جا اگهه وڌائي آسمان تي پهچائي ڇڏيندا آهن، پر عورتن لاءِ اها ڳالهه ڪابه معنيٰ نه رکندي آهي ڇو ته عورتن مطابق عيد چوڙين کان سواءِ اڻپوري هوندي آهي. عيد جي خاص ڏينهن تي خاص طور تي چنڊ واري رات ته اڌ رات تائين مارڪيٽون ڏينهن جو ڏيک ڏينديون آهن. عيد وارن خاص ڏينهن ۾ گهڻو ميڙ چوڙين وٽ ئي نظر ايندو آهي. جيڪي چوڙين جا سيٽ عيد کان اڳ 50 يا 100 رپئي جا ملندا آهن ۽ هنن ڏينهن ۾ انهن جو اگهه 200 کان شروع ٿيندو آهي، پر عورتون ۽ ڇوڪريون ان ڳالهه ڏانهن ڌيان نه ڏينديون آهن. جڏهن ته ٻارڙين جو چوڻ اهو به آهي ته جڏهن عيد جي ڏينهن تي هٿن ۾ چوڙيون پائي پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ کان خرچي وٺنديون آهيون ته اها ٻيڻي ملندي آهي.هن ڀيري حيدرآباد جي مارڪيٽ ريشم گلي ۾ چوڙين جا اڃان وڌيڪ نوان رنگ ۽ انداز موجود هئا. جن ۾ ستن رنگن جو چوڙيون، نالا لکيل چوڙيون،شيشي جو چوڙيون، پلاسٽڪ جو چوڙيون، وڌيڪ وڪرو ٿيون.دڪاندارن جو چوڻ هو ته هن ڀيري پلاسٽڪ جا ڪنگڻ وڌيڪ وڪرو ٿي رهيا آهن.
