ٺٽو (ڊ ر) ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي 70 کان وڌيڪ ڪچن ملازمن کي 7 مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون آهن، پٽيوالي، چوڪيداري ۽ مالهي جي پوسٽن تي ڪم ڪندڙ 70 کان وڌيڪ ملازم بدحالي جو شڪار آهن، 7 مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب ملازم سخت مالي بحران جو شڪار آهن، ان سلسلي ۾ ملازمن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا پگهارن جي ادائگي ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ترت پگهارون جاري ڪيون وڃن.