قصور (م ڊ ) زراعت کاتي صوبي ۾ ڪپهه جي پوک وارن علائقن ۾ وائٽ گولڊ تي اڇي مک جو حملو روڪڻ لاءَ کاتي جي فيلڊ اسٽاف کي سرگرم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي ، زراعت کاتي توسيع سميت پيسٽ وارننگ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول جي عملي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪپهه جي زمينن جو معائنو ڪن . ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ سميت موزو زهر جو استعمال ڪري اچي مک کي ڪنٽرول ڪيو وڄي ته جيئن فصل کي وائرس جي حملي کان بچائي سگجي . ، پنجاب حڪومت جي هدايت جي روشني ۾ زميدارن ، آبادگارن ، هارين کي اڇي مک جي ڪنٽرول بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ وال چاڪنگ . لٽريڪچر تقسيم ۽ فارمز ڊي منعقد ڪرڻ جو پڻ سلسلو شروع ڪيو وڄي .