شنگهائي (م ڊ ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته افغان صدر پاران طالبان کي تعاون جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿان، شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي گڏيل ڪوشش آهي جنهن لاءِ پاڪستان هميشه وانگر تعاون جاري رکندو، هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻه طرفي لاڳاپن تي حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن، شنگهائي تنظيم تحت افغانستان رابطا گروپ جو قيام سٺي ڳالهه آهي، صدر چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي روڪي قيمتي تجربا حاصل ڪيا آهن ۽ پاڪستان جي تجربن مان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي، اسان ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، صدر چيو ته ڪجهه سالن دوران پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي ۽ ڪاروبار لاءِ صورتحال بهتر ٿي آهي، هلندڙ سال جي ڊي پي جي شرح گذريل ڏهاڪي ۾ سڀ کان مٿي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ڪارڪردگي بين الاقوامي ادارن ۾ مثبت طور تي رڪارڊ ٿي، پاڪستان خانگي سيڙپڪاري لاءِ بهترين منزل قرار ڏنو ويو آهي، اسان جي ڪاميابين کي سي پيڪ وڌيڪ تقويت پهچائي آهي، صدر چيو ته پاڪستان ان لحاظ کان ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين ۽ عالمي سطح تي 5 نمبر تي آهي، مستقبل ۾ ترقي جي رفتار ۾ وڌيڪ واڌ جي اميد ڪري رهيا آهيون، صدر چيو ته سيڙپڪاري، واپار، اي ڪامرس، ريلوي ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ کي ايس سي او جا قدم مضبوط بڻائي سگهن ٿا، خطي جي عوام جي ترقي لاءِ 5 نقاطي ترجيحن جو تعين ضروري آهي، خطي جي سمورن ترقياتي منصوبن جي حمايت ڪئي وڃي، صدر تجويز ڏني ته ايس سي او تحت غربت ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ دهشتگرد جي پاڙ پٽڻ لاءِ ترقياتي فنڊ جهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي، ميمبر ملڪن جي نوجوانن جي صلاحيت لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، صدر چيو ته سڄي دنيا جي قومن کي اڳيان ايندڙ چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀ هڪ ٿيون، جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن، جنهن سان خطي جي ملڪن ۾ واپار ۽ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ملي سگهي.