حيدرآباد (بيورو رپورٽ) طبي ماهرن چيو آهي ته روزانو پنڌ هلڻ يا سائيڪل هلائڻ واري عادت دل جي مرضن کي روڪڻ ۾ 65 سيڪڙو تائين فائديمند آهي. ان تحقيق مطابق ڪار جي سفر، سائيڪل هلائڻ، پنڌ هلڻ، ورزش ڪرڻ ۽ ٻين روزانو وارن ڪمن جي مدي جي شرح کي چيڪ ڪيو ويو. ماهرن ڏٺو ته جسماني سرگرميون دل جي مرض کي تمام گهڻو گهٽ ڪري ڇڏين ٿيون ۽ مجموعي طور تي صحت کي بهتر بڻائن ٿيون. خاص طور تي بلڊ پريشر، ڪولسٽرول جي شرح، شگر ۽ معدي جون بيماريون پڻ ان عمل سان پري ڀڄن ٿيون. طبي ماهرن چيو آهي ته روزانو پنڌ هلڻ ۽ سائيڪل هلائڻ وارو عمل دل جي سمورين بيمارين کان 90 سيڪڙو تائين بچائي ٿو
