لاهور(م ڊ ) زرعي ماهرن سورج مکي جي آبادگارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو فصل جي وقت سر برداشت مڪمل ڪري وٺن. هن چي ته جڏهن سورج مکي جي گلن جو پويون پاسو سنهري ٿي وڃي، زرد پتيون خشڪ ٿي ڪري پون، ساين پتين جو اٽڪل اڌ حصو ڀورو ٿي وڃي ۽ ٻج پچي سخت ٿي وڃي ته 5 يا 6 ڏينهن کانپوءِ فصل کي ڪمبائن هارويسٽر جي مدد سان ڪٽي ڇڏجي، سورج مکي جي سٽن کي ڍير جي شڪل ۾ نه رکو ڇاڪاڻ ته ان ۾ فصل جي نمي وڌيڪ هجڻ سبب الي لڳڻ جو خدشو هوندو آهي.
