اسلام آباد (م ڊ ) فرنس آئل جي بدران اين جي بجلي پيدا ڪري ساليانو 2 ارب ڊالر جي بچت ڪئي پئي وڃي ، جنهن ڪري آئل جي آمدني واپار ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿي آهي . توانائي واري وزارت جي اختيارين چيو آهي ته ايل اين جي بجلي پيدا ڪرڻ جو سستو ترين ذريعو آهي ، جنهن جي مدد سان بجلي جي پيداوار ي خرچ کي 7 کان 8 روپيا في ڪلو واٽ في ڪلاڪ تائين گهٽ ڪري سگجي ٿو . هن چيو ته ايل اين جي جي آمدني واپار لاءِ نئين معاهدن تحت ساليانو 300 کان 400 ملين ڊالر جي بچت ڪري سگجي ٿي ۽ ان سان ايندڙ 10 سالن دوران 3.5 کان 4 ارب ڊالر جي بچت سان گڏوگڏ صارفين کي سستي بجلي جي سهولت پڻ دستياب ٿيندي .
