دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي سينٽر جيل روڊ وٽ نامعلوم هٿاربندن جي 7 ڪار سوارن مٿان فائيرنگ جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا محمد مٺل لاشاري ولد مصري خان لاشاري، هدايت الله لاشاري ولد محمود لاشاري، ارباب لاشاري ولد حمزه خان لاشاري،خادم ولد آدم لاشاري ۽ معشوق لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا فوت ٿيندڙن ۾ پيء پٽ سميت هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا آهن جڏهن ته ڊرائيور اعظم ولد خداداد برهماڻي ۽ شاهد لاشاري سخت زخمي ٿي پيا جن کي شهرين اسپتال پهچايو اسپتال ۾ سهولت نه هجڻ ۽ بروقت علاج نه ٿيڻ سبب شاهد ولد هدايت الله زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فائرنگ ۾ فوت ٿيندڙن ۽ زخمي جو تعلق ضلع ڄامشورو جي ڀان سعيد آباد جي ڳوٺ مناهيون سان آهي واقعي جو سبب لاشاري ۽ مري برادري جو پراڻو هلندڙ تقرار ٻڌايو ٿو وڃي سال 2015ع سيهوڻ جي علائيقي ۾ لاشاري برادري جي ماڻهن هٿان مري برادري جا 2 ماڻهون قتل ٿيا هئا، مرخپور پوسٽ انچارج شادي پنهور پوليس نفري سميت فوري طور واقعي واري جائي پهتو، جڏهن ته اسپتال انتظاميان جي بيحثي سبب 3 ڪلاڪن تائين لاش روڊ تي پيل رهيا،ايمبولينس نه پهتي پوليس لاش کڻائي اسپتال پهت، فوت ٿيندڙ ڪار سوار ڪورٽ مان حاضري بعد واپس ڀان سعيد آباد وڃي رهيا هئا ته دادو جي بي سيڪشن جي حد سينٽر جيل وٽ فائيرنگ ڪري ماريو ويو لاشاري ۽ مري برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙي جي شروعات وياج جي پيسن جي ڏيتي ليتي تان شروع ٿي ايس ايس پي تنوير احمد تنيو قاتلن جي گرفتاري لاء پوليس کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون شهر جي مين چورهائين ۽ داخلي رستن تي پوليس جي وڏي تعداد ۾ نفري مقرر ڪري ڇڏي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته وارثن پاران اڃان تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرايو ويو.