ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان اسڪول ۾ 5 سالن کان استاد مقرر نه ٿيو، 300 شاگردن جو مستقبل تباهه، احتجاج، ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سونو خان گاڏهي جي پرائمري اسڪول ۾ 5 سالن کان استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري شاگرد ۽ والدين سخت پريشان آهن، 300 کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل داءُ ٿي لڳل آهي، تعليم کاتي جي عملدارن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، اسڪول ۾ استاد مقرر نه هئڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نثار گاڏهي، عبدالحميد گاڏهي، عاشق علي، سرور گاڏهي، سرائي سجاد گاڏهي ۽ ٻين چيو ته 5 سالن کان اسڪول ۾ استاد مقرر ناهي ٿي سگهيو، سوين شاگرد دربدر ٿي ويا آهن، هنن چيو ته تعليمي ايمرجنسي جون دعوائون ڪوڙيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري شاگردن جي تعليم تباهه ٿيڻ کان بچائي وڃي.