لنڊن (م ڊ ) برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف برطانيا ۾ 3 ڪروڙ 20 لک پائونڊ جو مالڪ آهي ۽ لنڊن فليٽ ته ان جي سلطنت جو هڪ حصو آهي، برطانوي اخبار ڊيلي ميل نواز شريف ۽ ان جي گهرڀاتين جي لنڊن ۾ ملڪيت بابت رپورٽ جاري ڪئي، رپورٽ موجب لنڊن ۾ ايون فيلڊ جي علائقي ۾ پاڪستان جي سڀ کان امير اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 4 لگزري فليٽس کي ملائي هڪ وڏي عمارت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جيڪا 1993 کان سندس استعمال جي هيٺ آهي جنهن جي ماليت هن وقت 70 لک پائونڊ آهي، نواز شريف سان گڏو گڏ لنڊن فليٽس، حسن، حسين، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي استعمال هيٺ آهي، نواز شريف تي لنڊن فليٽس غير قانوني پيسن سان خريد ڪرڻ جوالزام آهي، جڏهن ته هي فليٽ ته برطانيا ۾ نواز شريف جي وسيع جائيداد جي سلطنت جو هڪ حصو آهن، برطانوي اخبار انهن فليٽن جون اندروني تصويرون جاري ڪيون آهن جن کي ڏسي فليٽس بدران ڪو محل نظر اچي رهيو آهي، شريف خاندان تي لنڊن فليٽس سميت غير قانوني ناڻي سان برطانيا جي علائقن ۾ ميفيئر، چيلسي، بلگرا وايا ۾ 21 پراپرٽيز خريد ڪرڻ جو الزام آهي، سموري ملڪيت جي رقم 3 ڪروڙ 20 لک پائونڊ آهي.
