ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ موسم جهڙالي جڏهن ته موسميات کاتي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي جي ڏکڻ اولهه ۾ هوائن جي رفتار 18 کان 21 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته هوا ۾ گهم 70 سيڪڙو آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ بوندا باندي جو امڪان آهي. وڌ کان وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته بنون، ڊيره اسماعيل خان، ڊيره غازي خان، ملتان ۽ بهاولپور ۾ ڪجهه جاين تي برسات جو اڪان آهي ۽ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.