اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي هر ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي جي ڪم آئي آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن ترقي جون منزلو ن طئه ڪرڻ لاءِ گڏ هليا آهن. پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ان سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. سي پيڪ سيڪريٽريٽ جي ترجمان مطابق گوادار مان چين جي شهر ڪاشغر تائين 2 هزار 44 ڪلوميٽر ڊگهي ان منصوبي کي 20 اپريل 2015ع ۾ پاڪستان ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي تاريخي دوري دوران حتمي شڪل ڏني وئي. ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 51 ياداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون. 56 ارب ڊالر جي خرچ سان شروع ٿيل سي پيڪ منصوبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي جو ثبوت آهي. سي پيڪ جو پهريون مرحلو 2018ع ۾ مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته ٻيو مرحلو 2020ع ۾، ٽيون مرحلو 2030ع ۾ مڪمل ٿي ويندو.
