حيدرآباد (امڪان شڪايت فورم) قاسم آباد جي قديمي ڳوٺ سومرا ڳوٺ پراڻو دوآٻو جي رهواسي ابراهيم سومرو “امڪان” آفيس ۾ فون ڪري شڪايت ڪئي آهي ته جڏهن کان وزيراعليٰ سنڌ جو خاص پروگرام هيپاٽائٽيس ڪنٽرول شروع ٿيو آهي ته ان وقت کان وٺي هڪ به ڪئمپ سندن ڳوٺ ۾ نه لڳي آهي، هن مطالبو ڪيو آهي ته سومرا ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽيس ڪنٽرول پروگرام جي ڪئمپ لڳائي وڃي، هن هو وڌيڪ چوڻ هيو ته سومرا ڳوٺ ۾ آلوده پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو بيمارين جي ور چڙهيل آهن ۽ وس وارا هن طرف خاص توجهه ڏين.
