ڪوئيٽا(م ڊ ) مستونگ سانحو، پشاور ۽ بنون بم ڌماڪي ۾ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ 15 جولائي تي ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ يوم سوڳ ملهايو ويو جڏهن ته سرڪاري عمارتن تي قومي پرچم به جهڪيل رهيو، ڪوئيٽا، مستونگ، قلات، سبي سميت صوبي جي ٻين علائقن ۾ فضا سوڳوار رهي جڏهن ته سياسي مذهبي پارٽين مستونگ سانحي کي نظر ۾ رکندي سوڳ جو اعلان ڪندي ٽن ڏينهن لاءِ چونڊ مهم معطل ڪري ڇڏي آهي. سروان هائوس ۾ شهيد نوابزاده سراج رئيساني ۽ ٻين شهيدن جي فاتحه خواني جاري آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ڪوئيٽا جون شاهراهون سنسان، ٽريفڪ معمول کان گهٽ ۽ ڪاروباري ۽ واپاري مرڪز بند آهن جڏهن ته روڊن تي ڪارا جهنڊا لڳايا ويا آهن.