ڪراچي(اسٽاف رپورٽ) آءِ جي سنڌ جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي جي ذاتي دلچسپي ۽ مثبت ڪاوشن جي بنياد تي ويلفيئر برانچ سنڌ پوليس جي مرحوم ۽ شهيد ملازمن جي وارثن کي ڪفن دفن جي مد ۾ ملندڙ امدادي رقمن جي التوا هيٺ پيل 682 ڪيسن کي فوري طور تي ڪليئر ڪندي 2 ڪروڙ 74 لکن تي مشتمل رقم شهيد پوليس اهلڪارن ۽ مرحومن جي قانوني وارثن جي بينڪ اڪائونٽن ۾ منتقل ڪئي وئي آهي.