ممبئي (م ڊ ) بالي وڊ فلم ” فني خان “ جو نئون گانو ” هلڪا هلڪا “ ريلز ڪيو ويو آهي . ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب اتول مڪرجي جي فلم ” فني خان “ جو نئون گانو ريلز ڪيو ويو آهي . جيڪو پاڪستان جي مشهور گلوڪار نصرت فتح علي خان جي ڪلاسڪ گاني ” هلڪا هلڪا جو نئون ورزن آهي . جنهن کي گلوڪاره سندي چوهان ۽ ديويا ڪمار ، ڪمپوز امت تري ويدي ۽ لکيو ارشاد ڪامل آهي جڏهن ته گانو اداڪار راج ڪمار رائو ۽ ايشوريا رائي بچن تي شوٽ ڪيو ويو آهي . فلم ۾ انيل ڪپور پڻ شامل آهي فلم ايندڙ سال 13 آگسٽ تي ريلز ڪئي ويندي.