حيدرآباد (بيورو رپورٽ) موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران حيدرآباد ۾ موسم بوندا باندي سان گڏ جهڙالي رهندي. موسميات کاتي مطابق گذريل ڏينهن حيدرآباد 39 ڊگري سينٽي گريڊ سان گرم علائقن ۾ شامل رهيو. گذريل ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 39 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موسم گرم رهندي.
