حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هڪ جديد تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٿولهه نه رڳو وڏن پر ٻارڙن ۾ به دل جي شريانن ۾ سوڪهڙ جو سبب بڻجي ٿي، جڏهن ته ٻارن ۾ به ٿولهه سبب ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿيڻ ٿيون. هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 8 کان 11 سالن جي عمر جي وچ ۾ ٻارن ۾ وڌيڪ وزن سبب نه رڳو دل جون شريانون سخت ٿي وڃن ٿيون جڏهن ته رت جو وهڪرو پڻ متاثر ٿئي ٿو. طبي ماهرن مطابق ٿولهه وارو عمل ٻارن ۾ گهٽ عمر دوران شگر جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو. طبي ماهرن عالمي سطح تي ٻارن ۾ ٿولهه جي بيماري ۾ اضافي کي نئين نسل لاءِ تمام گهڻو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ جديد تحقيق مطابق 2 کان 5 سالن جي ٻارڙن ۾ ٿولهه جي شرح 36 سيڪڙو، 5 کان 10 سالن جي ٻارڙن ۾ 24 سيڪڙو ۽ 10 کان 17 سالن جي نوجوانن ۾ اها شرح 22 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. تحقيق دوران پتو پيو ته آلو جا چپس، چاڪليٽ، مٺايون، برگر ۽ ٻيا تيز مصالحي وارا کاڌا ٿولهه جو اصل سبب آهن. انهن شين کي ڏينهن ۾ 3 ڀيرا استعمال ڪندڙ ٻار تيزي سان ٿولهه جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿا. ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته دنيا تي ٿولهه جو شڪار ماڻهو پکڙجي ويندا ۽ اهي ان بيماري سبب معذوري جو پڻ شڪار ٿي ويندا.
