حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نامور طبي ماهر ڊاڪٽر ڏيارام چيو آهي ته عمر وڌڻ جو اثر رڳو چمڙي تي نٿو پوي پر عمر وڌڻ سبب وار به متاثر ٿين ٿا ۽ ان تي چمڙي جي ماحولياتي آلودگي جو به اثر پوي ٿو جنهن سان وار بي رونق ۽ سنها ٿي وڃن ٿا. هارمونز جي تبديلي، خلين جي افزائش ۾ گهٽتائي ۽ ڪجهه دوائن جو استعمال جيڪي هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽر جي علاج لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون، انهن سان به وارن کي نقصان پهچي ٿو. عمر وڌندي آهي ته وارن ۾ پروٽين ۽ ميلانن جي گهٽتائي ٿيڻ لڳي ٿي، جنهن سان وار اڇا ٿيڻ لڳن ٿا. گذريل ڏينهن وارن جو اڇو ٿيڻ جي موضوع تي ڳالهائيندي هن چيو ته مرد هجي يا عورت اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ لڳندا آهن ته ان جا وار سنها ٿيڻ لڳا آهن، انهن ۾ چمڪ گهٽ ٿي وئي آهي ۽ آساني سان ٽٽڻ لڳا آهن، خاص ڪري چاليهه سالن جي عمر کانپوءِ اڪثر عورتن جا مٿي جا وار تمام سنها ٿي وڃن ٿا. جيستائين وارن جي عمر جو انساني عمر سان تعلق آهي ته ان جي لچڪ گهٽ ٿي وڃي ٿي، وارن جون خليون سڪڙجڻ لڳن ٿيون، انهن جي افزائش ۾ گهٽتائي ٿي وڃي ٿي ۽ سيبم ۽ ڪيراٽن جي پيداوار ۾ به گهٽتائي اچي وڃي ٿي. انهن سڀني جي نتيجي ۾ وار بي جان ٿي وڃن ٿا، وارن کي ڪلر ڪرائڻ سان اهي ٻيهر ڪارا ۽ گهاٽا نه ٿيندا، وارن کي جوان رکڻ لاءِ پنهنجي سوچ کي به جوان رکڻو پوندو، وارن کي ڪيميائي ٽريٽمينٽ کان بچايو وڃي ۽ وارن ۾ چمبڙندڙ ڪلپس ۽ ساڳي طرح جون ٻيون شيون استعمال نه ڪيون وڃن. گرم اوزارن مثلن اليڪٽرڪ هيئر ڊرائر، رولر، ڪرلنگ آئرن يا فليٽ آئرن وغيره کان پري رهڻ گهرجي.ڇو ته انهن جي استعمال سان وارن کي نقصان پهچي سگهي ٿو، وارن کي چمڪدار ۽ ملائم رکڻ لاءِ وارن جي ساخت جي مناسبت سان شيمپو ۽ ڪنڊيشنر استعمال ڪيو وڃي، اهڙو شيمپو ۽ ڪنڊيشنر استعمال ڪريو جنهن ۾ شِي بٽر، پينٿونيل، هائڊرو لائزڊ، خمير يا مٺي بادام جو تيل موجود هجي. ان سان وارن ۾ قدرتي نمي ۽ سڻڀ ۾ اضافو ٿئي ٿو. وارن کي روزانو ڌوئڻ جو عمل بند ڪندي ٻه يا ٽي ڏينهن جو گيپ ڏئي وارن کي ڌوتو وڃي، روزانو وار ڌوئڻ سان انهن جي قدرتي نمي ۽ سڻڀ گهٽ ٿي وڃي ٿو ۽ خشڪ ٿي پنهنجي چمڪ وڃائڻ لڳن ٿا. هن چيو ته وارن کي چمڪدار بڻائڻ لاءِ صحت بخش ۽ متوازن غذا استعمال ڪئي وڃي، توهان جي جسم ۾ مناسب مقدار ۾ آئرن، پروٽين ۽ ڪيلشيم پهچڻ گهرجي، تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا صحتمند وارن لاءِ ضروري آهن. وٽامن ”بي“ ۽ ”سي“ جي مناسب مقدار پڻ وارن لازمي آهي جنهن سان وارن جي افزائش ۾ اضافو ٿئي ٿو.گرم تيل ۾ وارن ۽ کوپڙي جو مساج ڪرڻ جو عمل تمام زبردست آهي، ان سان توهان جي وارن کي سڪون ملندو ۽ توهان کي به مڪمل آرام نصيب ٿيندو. وارن جي صحت لاءِ توهان جي ننڊ به تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، معقول طريقي سان آرام ڪريو ۽ ست کان اٺ ڪلاڪ ننڊ ڪريو. مساج وارن لاءِ تمام فائديمند عمل آهي ۽ ان سان رت ۾ تيزي اچي ٿي ۽ وارن جي افزائش ۾ اضافو ٿئي ٿو، مساج ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته توهان پنهنجي پسند جو تيل کڻي ۽ ان کي ٿورو گرم ڪري پاڻي ملايو ۽ پوءِ ان کي سڌو سنون مٿي تي اسپري ڪري مساج ڪريو، ان سان توهان جي دماغ ۽ کوپڙي ٻنهي کي سڪون ملندو.
