حيدرآباد(بيورو رپورٽ) طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ناشتو نه ڪرڻ سان دل جي دؤري ۽ دل جي بيمارين جو خطرو 27 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي. ماهرن جي جديد تحقيق موجب جيڪي ماڻهو صبح جو ناشتو ناهن ڪندا انهن ۾ دل جي دؤري جي بيمارين جي امڪان جو خطرو وڌي ويندو آهي، ڇو جو صبح جو خوراڪ ڇڏڻ سان جسم ۾ دٻاءُ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. ناشتو نه ڪرڻ ٿولهه، شوگر، دل جي بيمارين ۽ فالج جو بنيادي سبب بڻجي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته باقاعدگيءَ سان ناشتو ڪرڻ سان دل جي دؤري ۽ دل جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. ناشتو ڪرڻ سان ميٽابولزم جي شرح وڌي ويندي آهي جنهن سبب ننڊ دوران ڪيليوريز سڙڻ جو سست ٿيل عمل ٻيهر شروع ٿي ويندو آهي.