ليڊز(م ڊ ) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ آخري ۽ فيصلائتي ون ڊي انٽرنيشنل مئچ 16 جولاءِ اڱاري تي ليڊز ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن مئچن واري سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي. ڀارت ميزبان انگلينڊ کي پهرين ون ڊي ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي هئي جڏهن ته ٻي ون ڊي ۾ انگلينڊ جي ٽيم 86 رنسن تان ڀارت کي هارائي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪئي. ٻنهي ٽيمن جي تازي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي آخري مئچ ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد آهي جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽيسٽ مئچن جي سيريز کيڏي ويندي.
انگلينڊ ڀارت خلاف ٽئين ۽ آخري ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ مئچ لاءِ جيمز ونس کي ٽيم ۾ طلب ڪري ورتو آهي. هن کي ڊيوڊ ميلان جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ميلان کي ڀارت اي خلاف شيڊيول چئن مئچن لاءِ انگلينڊ لائينز جي نمائندگي لاءِ رليز ڪيو ويو آهي. انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ مئچ اڄ اڱاري تي شيڊيول آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن مئچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي