ممبئي (م ڊ ) هالي ووڊ فلم سورما رليز جي ٻن ڏينهن ۾ 8.25 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مابق هدايتڪار شاد علي جي ڀارتي هاڪي رانديگر سنديپ سنگهه جي زندگي تي مشتمل فلم ”سورما“ جمعي تي رليز ڪئي وئي هئي جنهن پهرين ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 25 لک ۽ ٻئي ڏينهن 5.5 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو. فلم ۾ اداڪار دلجيت ۽ تاپسي پنو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.