ممبئي (م ڊ ) بالي ووڊ اداڪار بوبي ديول فلم ”يملا پگلا ديوانا فرسي“ ۾ پنهنجي والد ڌرمينڌر ۽ ڀاءُ سني ديول سان ٻيهر گڏ ڪم ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق بوبي ديول فلم ”يملا پگلا ديوانا فرسي“ 2013ع ۾ ٺهندڙ فلم جو سيڪوئل آهي. فلم 31 آگسٽ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. بوبي ديول اڄ ڪلهه فلم ”هائوس فل فور“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي
