ممبئي (م ڊ ) بالي ووڊ اداڪاره سني ليون جي زندگي تي ٻڌل فلم ”ڪرن جيت ڪور: دي ان ٽولڊ اسٽوري آف سني ليون“ جي نالي کي سکهه ڪميونٽي طرفان مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب هدايتڪار اديتيادت جو چوڻ آهي ته سني ليون جي زندگي تي ٻڌل فلم ”ڪرن جيت ڪور: دي ان ٽولڊ اسٽوري آف سني ليون“ جي نالي کي سکهه ڪميونٽي طرفان ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. شرو مني گور دواره تي بنڌڪ ڪميٽي طرفان اعتراض ڪيو ويو آهي ته فلم جي نالي ۾ ڪور جي لفظ کي ختم ڪيو وڃي چو جو ان سان سکهه برادري جي دل آزاري ٿي رهي آهي، جنهن تي هدايتڪار جو چوڻ آهي ته اهو سني ليون جو خانداني نالو آهي ۽ اها ڪهاڻي سچ تي ٻڌل آهي ۽ ان لفظ کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو.
