حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماحوليات واري وفاقي وزير محمد يوسف شيخ چيو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، نگران وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينه کي ان ڳالهه جو مڪمل يقين آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن چوندون پنهنجي مقرر وقت تي ڪرايون وڃن. ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر سبب سڄو ملڪ سوڳ ۾ آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ گرين پاڪستان پروگرام تحت ٻوٽا لڳائڻ ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته موجوده نگران حڪومت اهو پڪو پهه ڪيو آهي ته ٿوري عرصي ۾ جيتري قدر ٿي سگهي هن ملڪ ۾ وڻ لڳايا وڃن.ان ۾ ئي اسان جي ايندڙ نسلن ۽ ماحوليات جي ڀلائي واڳيل آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي سندس مادر علمي آهي جنهن کي بهتر بڻائڻ هن جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن چيو ته هلندڙ سال سرسبز پاڪستان پروگرام تحت 48 ملين وڻ لڳائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي ۽ هو اڄ ان پروگرام تحت لاڳاپيل يونيورسٽين کي ماحولياتي تبديلين کان بچائڻ لاءِ 5 لک ٻوٽن جو تحفو ڏئي ٿو. اها پهرين قسط آهي جڏهن ته ساڳئي ريت ٻوٽا لڳائڻ لاءِ ادارتي، تنظيمي، يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ انفرادي طور تي جيڪڏهن ڪو ٻوٽا لڳائڻ چاهي ٿو ته انهن کي به فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ٻيلن جي شرح اطمينان جوڳي ناهي، رڳو 4 کان 5 سيڪڙو تي ٻيلا آهن. جڏهن ته گڏيل قومن طرفان ٻيلن جي شرح 25 سيڪڙو مقرر ڪيل آهي. هن چيو ته هتي وڻ ڪٽڻ جو رواج وڌيڪ ۽ لڳائڻ جو گهٽ آهي. هن چيو ته هو ملڪ جي هر عوام ۽ هنن ادارن جي سربراهن کي گذارش ڪري ٿو ته اهي گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني هڪ ٻوٽو لڳائين تڏهن به ساوڪ پيدا ٿي ويندي. هن چيو ته دهشتگردي جي تازي لهر افسوس جوڳي آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي جڏهن ته نگران حڪومت مستونگ واقعي تي گذريل ڏينهن سوڳ پڻ ملهايو آهي. هن چيو ته اسان ماحول کي بهتر بڻائڻ بدران خراب ڪري رهيا آهيون.رڳو سرڪار تي ڀاڙڻ نه گهرجي ملڪ ۾ 18 سالن کان مٿي عمر وارن مردن جو انگ 8 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ جيڪڏهن هر مرد ماهوار هڪ وڻ لڳائي ته سڄو ملڪ فاريسٽ بڻجي سگهي ٿو. اسان جو عزم آهي ته جتي وڻ نه هجن اتي ترجيحي بنيادن تي وڻ لڳايا وڃن. هن چيو ته هو پاڻ هڪ صحافي رهي چڪو آهي ۽ صحافت جي اهميت کي ڄاڻي ٿو تنهن ڪري صحافي پڻ ان ڀلائي جي ڪم ۾ سهڪار ڪن. هن چيو ته هنن ٽن يونيورسٽين کي گدلو پاڻي صاف ڪري ٻوٽن کي ڏيڻ جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبا پڻ ڏنا ويندا. ان کان اڳ وفاقي وزير مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر بيکا رام سان گڏجي ٻوٽا پڻ لڳايا. ان موقعي تي آءِ جي فاريسٽ سيد محمود ناصر ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.
