ڪراچي(اسٽاف رپورٽ) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته نگران حڪومت عام چونڊون منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن ۽ سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم هلائڻ لاءِ هڪ جيترا موقعا فراهم ڪيا آهن ۽ مڪمل سيڪيورٽي به ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا سان ملاقات دوران ڪيو ان دوران صوبي ۾ عام چونڊن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ان موقعي تي نگران صوبائي وزير ڪرنل (ر) دوست محمد چانڊيو به موجود هو وڏي وزير ڪجهه اميدوارن پاران ضابطه اخلاق تي عمل نه ڪرڻ کي پريشاني جو سبب قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته چونڊ سرگرمين دوران سمورين سياسي پارٽين جا اميدوار باشعور فرد هئڻ جو ثبوت ڏين ۽ اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عملدرآمد کي هر صورت ۾ يقيني بنايو وڃي.
