اسلام آباد(م ڊ ) گذريل مالي سال جي 11 مهينن دوران ملڪ مان ڳڙ جي روانگي واپار ۾ 215.64 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. شمارياتي اداري جي انگن اکرن مطابق جولائي کان مئي 2018ع تائين پاڪستان ڳڙ جي روانگي واپار سان 16.874 ملين ڊالر جو پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو ڪمايو جيڪو مالي سال 17-2016ع جي ان ئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 215.64 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
