اسلام آباد(م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جو فيصلو چئلينج ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سزا خلاف اپيلون دائر ڪري ڇڏيون آهن جن ۾ قيد، ڏنڊ، نااهلي ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. خواجه حارث ۽ امجد پرويز ايڊڊوڪيٽس ذريعي دائر اپيلن ۾ احتساب عدالت جي جج ۽ نيب کي ڌر بڻايو ويو آهي. سومر تي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر جي وڪيلن طرفان دائر ڪيل اپيلن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي بري ڪيو وڃي، اپيلن جو فيصلو ٿيڻ تائين نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي ۽ عارضي طور تي نواز شريف مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي سزا معطل ڪئي وڃي، اپيلن ۾ چيو ويو اهي ته ضمني ريفرنس ۽ عبوري ريفرنس جي الزامن ۾ تضاد هو. حسن ۽ حسين نواز کي ضمني ريفرنس جو نوٽيس نه موڪليو ويو. دفاع واري بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته استغاثه الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو. دفاع ۾ گواهه پيش ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، شڪ جو فائدو جوابدار کي ٿيندو آهي، احتساب عدالت جو جج مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب ٿيو. احتساب عدالت جو 6 جولاءِ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، اپيلن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالت کي فيصلو هڪ هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. احتساب عدالت درخواست رد ڪندي غير حاضري ۾ فيصلو ٻڌايو. اپيل ۾ نواز شريف جي چارج شيٽ کي به شامل ڪيو ويو آهي