اسلام آباد(م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته جنهن بنياد تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ساڳي بنياد تي نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر ۽ قمر الاسلام کي به انتخابي مهم هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي. سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ محمد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر طرفان اپيلون دائر ڪرڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان قانوني ۽ آئيني حق استعمال ڪندي عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته انهن جي سزا ختم ڪئي وڃي ۽ ٽنهي کي اجازت ڏني وڇي ته اهي جيل مان ٻاهر اچي پنهنجي زندگي معمول مطابق گذاري سگهن. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو ڇاڪاڻ ته قانون دانن ۽ اڳوڻن چيف جسٽسز فيصلي کي ڪمزور قرار ڏنو
