ڪوئيٽا(م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين سومر ڏينهن ڪوئيٽا پهتو، ايئرپورٽ تي پيپلز پارٽي بلوچستان جي صدر حاجي علي مدد جتڪ ۽ ٻين اڳواڻن ان جو استقبال ڪيو جنهن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري سراوان هائوس وڃي مستونگ جي علائقي درينڳڙهه ۾ آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيل بي اي پي جي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي جي ڀاءُ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي ۽ ان جي پٽ جمال رئيساڻي سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ فرحت الله بابر، نيشنل پارٽي جو صدر سينيٽر مير حاصل خان بزنجو، پيپلز پارٽي بلوچستان جو صدر حاجي مدد علي جتڪ ، اڳوڻو وفاقي وزير آيت الله دراني به ان سان گڏ هو.