اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سمري منظوري لاءِ صدر پاڪستان ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي.
پڌرائي موجب، وزيراعظم نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني، ملاقات ۾ راڻا ثناءُ الله، اسحاق ڊار ۽ ٻيا به موجود هئا.
نهال هاشمي جي سياسي ڪيريئر تي هڪ نظر
ڪراچي سان واسطو رکندڙ نهال هاشمي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان مسلم ليگ ن سان واڳيل آهي، هو 1997 کان 1999 تائين وزيراعظم نواز شريف جو قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار رهيو، 2012 ۾ هن ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ پوءِ آگسٽ 2014 ۾ کيس سنڌ ۾ مسلم ليگ ن چيپٽر جو جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو.
نهال هاشمي 2015 ۾ مسلم ليگ ن جي پنجاب واري سيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هاڻي کيس گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته 2017 ۾ پاناما ڪيس بابت تڪراري بيان تي نهال هاشمي کي مسلم ليگ ن مان نيڪالي ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ 2021 ۾ سندس رڪنيت بحال ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته هن وقت گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري آهي، جيڪو ايم ڪيو ايم پاڪستان سان سلهاڙيل آھي